حفظ الله علوي مير

حفظ الله علوي، مير: شڪارپور جو مشهور بزرگ مير حفظ الله علوي، علوي خاندان جي مؤرث اعليٰ شاهه الله علوي'>فقير الله علوي رح جو فرزند هو. شاهه الله علوي'>فقير الله علوي، جلال آباد (افغانستان) مان هجرت ڪري ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ سن 1737ع ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ ڪجهه وقت ٺٽي ۾ رهڻ کان پوءِ شڪارپور ۾ اچي رهيو. هن کي 17 پُٽ ۽ 4 نياڻيون هيون. مير حفظ الله علوي سندس پنجون نمبر پٽ هو. هي بزرگ پنهنجي دور جو وڏو عالم، فاضل ۽ اهل الله هو. مير حفظ الله کي چار فرزند ٿيا، جن مان سندس ٽئين فرزند مير فخرالدين کي ٻه پٽ ٿيا. وڏو فرزند مير شاهنواز ۽ ننڍو مير حفظ الله عرف مير علي نواز ٿيو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو مشهور شاعر ۽ عالم هو، جنهن جي شاعريءَ جو ڪتاب ’ڪليات علوي‘ ڊاڪٽر عبدالخالق سومري ’راز‘ ترتيب ڏئي ڇپايو آهي. (ڏسو: مير علي نواز علوي، ايندڙ جلدن ۾).


هن صفحي کي شيئر ڪريو